پريتم ورياڻي

پريتم ورياڻي

پريتم ورياڻي

پريتم ورياڻي:سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب، لساني ماهر (Linguist) ۽ اڀياسي پروفيسر پريتم ورياڻي، نصرپور، ضلعي حيدرآباد (هاڻي ضلعي مٽياري) ۾ 15 جنوري 1930ع تي ليکراج مل ورياڻيءَ جي گهر ۾ ڄائو. مئٽرڪ تائين عمرڪوٽ ۾ ناناڻن وٽ رهيو ۽ اتان ئي مئٽرڪ پاس ڪئي. ورهاڱي کان پوءِ هندستان جي اجمير شھر ۾ مائٽن سان گڏ وڃي آباد ٿيو. 1949ع ۾ آديپور ۽ پوءِ گانڌيڌام ۾ رهائش اختيار ڪئي. 1951ع ۾ استاد مقرر ٿيو.. سندس تعليم ايم. اي (لسانيات)، ايم. اي (سياسيات) هئي. 1952ع کان 1965ع تائين آدرش مھا ودياليه (Teachers Higher Secondary School) گانڌيڌام ۾ 14 سالن تائين استاد طور پڙهايو. پاڻ اسڪول جي بـنـيـادي اُسـتـادن مان هڪ هو. 1966ع کان 1970ع تائين پوني جي ڊيڪن ڪاليج جي سنڌي شعبي (لسانيات) ۾ ريـسـرچ فيـلـو ۽ لـيڪـچـرر ٿي رهيو. 1970ع جي آخر کان وٺي 18 سالن تائين ڊيڪن ڪاليج پوني ۾، مرڪزي سرڪار طرفان کوليل ويسٽرن ريجنل لئنگئيج سينٽر (WRLC) ۾ غير سنڌي استادن ۽ ليڪچرارن کي جديد طريقن سان سنڌي ٻولي ۽ ادب سيکارڻ جو ڪم ڪيو. جنوري 1988ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. سنڌي ٻولي، ادب ۽ تھذيب سان پيار ڪندڙ شخصيتن: ڊاڪٽر ستيش روهڙا، لکمي کلاڻي ۽ موتي پرڪاش سان گڏجي آديپور، گانڌيڌام ۾ 1990ع ۾ ”انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي“ جي قيام ۾ حصو ورتو. پاڻ ان جي بنيادي ٽرسٽين (Trusties) مان هڪ هو. وچ ۾ ٽي سال سنڌالاجيءَ پاران، تولاڻي آرٽس ۽ سائنس ڪاليج آديپور ۾ اعزازي طور سنڌي تعليم ۽ تدريس سان لاڳاپيل رهيو. پونا ۾ سنڌي ڪمپيوٽر فانٽن جو ڊزائينر به رهيو. ان کان سواءِ گجرات سنڌي اڪيڊمي گانڌي نگر جي صلاحڪاري بورڊ جو ميمبر به رهيو. سندس ڇپيل ڪتابن مان ڪجهه هي آهن:(1)سنڌي نصاب (انٽرميڊيٽ ڪورس)، (2) بيوس هڪ اڀياس (بيوس سيمينار جي مقالن ۽ ڪارروائيءَ جي ترتيب: 1970ع: گوورڌن شرما ۽ سـي.ايـڇ. راءِ سنگھـاڻيءَ سان گڏ)، (3) سنڌي پاٺ مالها (پھريون، ٻيو ۽ ٽيون ڀاڱو)، (4) سنڌي لئنگئيج بُڪ: ڪرسپانڊنٽ ڪورس (ٻيـن سـان گــڏ: هندي ميڊيم- 2006ع)، (5) ڏهه ڏيھي ڪھاڻيون (باتصوير: سنڌي، هندي ۽ انگريزيءَ ۾ 2006ع، 2007ع، 2008ع)، (6)انسائيڪلوپيڊيا آف يونيورسل ناليج، (7) سنڌي ٻولي ۽ تھذيب (2010ع)، (8) سنڌي لپي پستڪ (پيتامبر ٺاڪواڻي سان گڏ 2003ع)، (9) سنڌي فوڪ اسٽوري (انگريزي ترجمو موهن گيھاڻي)، (10) سنڌي ڀاشا ۽ سنسڪرتي (مضمون 2010ع)، (11) ورهاڱي ۽ لاڏاڻي بعد سنڌ جو ديدار (2015ع) ۽ (12) ڳوٺاڻي وندر (لوڪ ڪلا تي لکيل: 2015ع) پروفيسر پريتم ورياڻيءَ جا سنڌي لسانيات تي 50 کان وڌيڪ سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ مقالا ڇپيل آهن. ان کان سواءِ سنڌي ٻوليءَ جي سکيا ۽ تھذيب جي موضوعن تي ڪيترن سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ هن مقالا پڙهيا. کيس اکل ڀارت سنڌي ٻولي ساهت سڀا طرفان 2005ع ۾ سنڌي تعليم اوارڊ ۽ NCPSL طرفان اوارڊ مليا. 63 سالن کان پوءِ آگسٽ- سيپٽمبر 2010ع ۾ سنڌ اچي اباڻا ماڳ (عمرڪوٽ، نصرپور) ڏٺا. ان کان سواءِ رهڙڪي شريف، ڪراچي، حيدرآباد ۽ اسلام ڪوٽ به گهميو. 03 آگسٽ 2020ع تي آديپور (ڪڇ) ۾ وفات ڪئي.


لفظ پريتم ورياڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1930.01.15  عيسوي

پروفيسر پريتم ورياڻي، نصرپور، ضلعي حيدرآباد (هاڻي ضلعي مٽياري) ۾ 15 جنوري 1930ع تي ليکراج مل ورياڻيءَ جي گهر ۾ ڄائو.


2020.08.03  عيسوي

پريتم ورياڻي 03 آگسٽ 2020ع تي آديپور (ڪڇ) ۾ وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

گل محمد شاهه بخاري
محمد حسين ڪروڙ پتي
پرسو جي گدواڻي ڊاڪٽر
خادم حسين لاکير ڊاڪٽر
ضراب حيدر
خواجه شمس الدين
احمد سلطان کوسو
ساگر ڏهراج
حسن عابدي
رسول بخش درس
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون